پيرو ۾ هم جنس پرست ۽ کدڙا فقير ذهني مريض قرار

ليما (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آمريڪي ملڪ پيرو جي حڪومت ”هم جنس پرستن“ ۽ ”کدڙن فقيرن“ کي ذهني طور تي بيمار قرار ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب پيرو جي حڪومت باضابطا طور تي اهو قدم کنيو آهي، پيرو حڪومت جي ان قدم نه رڳو عوام ۾ ڪاوڙ کي جنم ڏنو آهي پر عوام حڪومت جي ان قدم کي حقن تي حملو قرار ڏئي رهيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب پيرو جي صحت واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته اسان ذهني بيمار ماڻهن کي طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.
رپورٽ موجب تازو قدم پيرو جي قانون سازن طرفان کنيو ويو آهي، جنهن کي ڏسندي اسڪولن جي نصابي ڪتابن ۾ به صنفي برابري جي حوالن تي پابندي هنئي وئي آهي.
پيرو جي قانون سازن موجب اهو قدم گهرن ۾ رهندڙ عورتن تي گهريلو تشدد ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ موتن کي روڪڻ لاءِ کنيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.