سپريم ڪورٽ مان عمران خان جي تصوير وائرل ٿيڻ جي جاچ شروع

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ انتظاميا عمران خان جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.
نيب ترميمن جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي اڊيالا جيل مان وڊيو لنڪ تي پيشي ٿي، جنهن جي تصوير سوشل ميڊيا تي سامهون آئي.
ذريعن موجب سپريم ڪورٽ انتظاميا تصوير وائرل ٿيڻ تي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ سي سي ٽي وي ڪئميرا ڏسي تصوير وائرل ڪندڙ جي نشاندهي جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته تصوير ڪورٽ روم رولز جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪڍي وئي آهي ۽ پوليس تصوير وائرل ڪندڙ خلاف ايڪشن وٺندي.
ذريعن موجب تصوير وائرل ٿيڻ کانپوءِ عدالت ۾ پي ٽي آءِ باني جي وڊيو جي سائز گهٽ ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.