گوگل سرچ انجڻ جهڙو ٽول: چيٽ جي پي ٽي جو اهم فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيٽ جي پي ٽي ٺاهيندڙ آمريڪي ڪمپني اوپن اي آءِ هاڻي پنهنجي هٿرادو ذهانت سان هلندڙ سرچ انجڻ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

اوپن اي آءِ ڪمپني مائيڪرو سافٽ سان گڏجي گوگل کي ٽڪر ڏيڻ لاءِ سرچ انجڻ ٺاهڻ جي منصوبابندي ڪئي آهي.

چيٽ جي پي ٽي ۾ سرچ فيچر جي واڌ ڪئي پئي وڃي، ان سان گڏوگڏ واهپيدارن کي سوالن جي جوابن ۾ سرچ فيچر آن لائن خبرون، بلاگز، وڪي پيڊِيا ۽ ٻي ڄاڻ ڏيندو جيڪا هن وقت تائين گوگل ڏيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.