ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سيٽلائيٽ آءِ ڪيوب قمر چنڊ جي پهرين تصوير تي موڪلي آهي جنهن بابت شڪايت ڪئي پئي وڃي ته اها تصوير گهٽ ڪوالٽي واري آهي ۽ پاڪستاني ادارن هاءِ ريزوليوشن ڪيمرا ڇو نه لڳائي؟ ۽ ڇا آءِ ڪيوب قمر معياري تصويرون ڪڍي سگهندي؟
اهڙي سوال جي جواب ۾ فلڪيات جي ماهر پروفيسر خرم خورشيد جو چوڻ آهي ته هاءِ ريزوليوشن ڪيمرا هو ان ڪري شامل نه ڪري سگهيا ڇو ته اسان کي رڳو 7 ڪلو وزن ۾ ئي سيٽلائيٽ ٺاهڻي هئي جيڪڏهن اسان وڌيڪ ريزوليوشن واري ڪيمرا لڳايون ها ته ان لاءِ پاور سور وڌائڻو پوي ها جنهن جي ڪري سولر پينل، بجلي ڪنٽرول ڪندڙ اوزارن ۽ بيٽرين جي واڌ ڪرڻي پوي ها، ان سان سيٽلائيٽ جو وزن وڌي وڃي ها.
ماهر جو چوڻ آهي ته خلائي مشن ۾ هڪ گرام به سوچي سمجهي ۽ حساب ڪتاب سان شامل ڪيو ويندو آهي، ان کانپوءِ ٻيو سڀ کان وڏو مسئلو اهو پيش اچي ها ته اسان کي وڌ ۾ وڌ جيڪا ڪميونيڪشن اسپيڊ ڏني وئي آهي اها ون ڪي بي في سيڪنڊ آهي، ايتري گهٽ ڪميونيڪيشن اسپيڊ ۾ هڪ ميگا پڪسل وارا ڪيمراز جون تصويرون ئي وقت تي ملي سگهن ٿيون.
جيڪڏهن اسان وڌيڪ ريزوليوشن تصويرون موڪلينداسين ته ان ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳي ويندا، ٻيو ته هي مشن رڳو ٽن مهينن تي ٻڌل آهي، هڪ ڏينهن ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳي وڃڻ سان ڊيٽا حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ها.
هن چيو ته اهي شروعاتي تصويرون آهن پر وقت سان گڏوگڏ جيئن سيٽلائيٽ چنڊ جي ويجهو ايندي ته انهن تصويرن جي ڪوالٽي بهتر ٿي ويندي.