ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي صنعتي ايريا ۾ تيز رفتاري گاڏي جي ٽڪر ۾ ٻه ڇوڪريون فوت ٿي ويون.
ٻئي ڇوڪريون فيڪٽري ۾ ڪم ڪنديون هيون، جيڪي روڊ ڪراس ڪري رهيون هيون ته کين تيز رفتار گاڏي جو ٽڪر لڳو.
پوليس حادثي جي ذميوار گاڏي جي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو.
فوتي ڇوڪرين جي سڃاڻپ 14 ورهين جي نفيسه ۽ 15 ورهين جي ثنا جي نالن سان ٿي آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like