”شهباز وٽ ڪجهه ناهي، نواز شريف سان بهتر ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ن ليگ جي قيادت نواز شريف وٽ آهي، تنهن ڪري ان سان بهتر ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.
اسلام آباد جي ضلعي ڪچهري ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ننڍي ڳالهه تي پي ٽي آءِ اندر گوڙ ٿي ويندو آهي، تحريڪ انصاف وڏي پارٽي آهي، اختلاف ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني ويڙهه هارائي ويو ته ملڪ ويڙهه هارائي ويندو، عوام کي قانون جي بالادستي لاءِ پي ٽي آءِ باني سان گڏ بيهڻو پوندو.
هن چيو ته ن ليگ قيادت نواز شريف وٽ آهي، ان سان بهتر ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، شهباز شريف وٽ ڪجهه به ناهي، نواز شريف ملڪ ۾ سياسي ماحول بهتر بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.