ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي استادن جون 14 هزار 40 خالي جايون ڀرڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي.
تعليم کاتي صوبي ۾ پرائمري ٽيچرز جون 9 هزار 315 خالي جايون ڀرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته 4 هزار 725 جونيئر اسڪول ٽيچرز جي خالي جاين تي ڀرتيون ڪيون وينديون.
سڀني ضلعن جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرن لسٽ تيار ڪري ورتي آهي، ڪراچي ۾ پرائمري ٽيچرز جي 4 هزار 295 خالي جاين کي ڀريو ويندو، جڏهن ته هڪ هزار 260 جونيئر ٽيچرز کي ڀرتي ڪيو ويندو.
حيدرآباد ۾ ٻه هزار 731 پرائمري ٽيچرز ڀرتي ڪيا ويندا، 2 هزار 731 جونيئر اسڪول ٽيچرز جون خالي جايون ڀريون وينديون.
لاڙڪاڻي ۾ پرائمري سائيڊ تي هڪ هزار 74 ۽ جونيئر ٽيچرز جون 503 جايون ڀرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سکر ۾ هڪ هزار 215 پرائمري ۽ 231 جونيئر ٽيچرز ڀرتي ٿيندا.
ڀرتي ٿيندڙ سمورا اميدوار ويٽنگ تي آهن، 2021 ۾ اميدوارن ميرٽ ٽيسٽ پاس ڪئي هئي، نگران حڪومت ويٽنگ تي موجود اميدوارن جي ڀرتين تي پابندي لاڳو ڪئي هئي.
Prev Post
Next Post
You might also like