سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 6 ايڊيشنل ججن مستقل جج طور حلف کڻي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 6 ايڊيشنل ججن مستقل ججن طور حلف کڻي ورتو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي مستقل ٿيندڙ ججن کان حلف ورتو.
تقريب ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن، بار ايسوسيئيشن جي نمائندن ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي، جڏهن ته مستقل ٿيندڙ ججن جا گهر ڀاتي به شريڪ ٿيا.
مستقل ججن جو حلف کڻندڙن ۾ جسٽس امجد علي ٻوهيو، جسٽس ثنا اڪرم منهاس، جسٽس جواد اڪبر سروانا، جسٽس خادم حسين سومرو، جسٽس عبدالرحمان ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو شامل آهن.
سڀني 6 ججن کي 2023 ۾ ايڊيشنل جج مقرر ڪيو ويو هو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مستقل ججن جو انگ 32 ٿي ويو پر اڃا 8 ججن جون جايون خالي آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.