رمضان المبارڪ ۾ گهٽ وڌ کائڻ سان اڪثر ماڻهن کي تيزابيت ٿي ويندي آهي، توڙي جو ڪجهه ماڻهو احتياط ڪندا آهن، ان باوجود تيزابيت جو شڪار ٿي ويندا آهن.
ڊاڪٽر مشورو ڏيندا آهن ته ڏهي انساني صحت لاءِ تمام گهڻي فائديمند ۽ ڪيلشيم سان ڀرپور غذا آهي، آسان لفظن ۾ اها هڪ مڪمل غذا آهي.
معدي ۾ تيزابيت کان بچاءَ لاءِ لسي انتهائي فائديمند آهي، ان سان معدو به درست رهندو، تيزابيت به نه ٿيندي ۽ روزي ۾ توهان کي اڃ جو احساس به گهٽ ٿيندو.
جيڪڏهن توهان تيزابيت کان بچڻ چاهيو ٿا ته هڪ ڪوپ ڏهي، ٻه عدد ننڍا ڦوٽا ۽ هڪ چمچو ڦودني جو پائوڊر بلينڊ ڪري لسي ٺاهي فرج ۾ رکي ڇڏيو ۽ سحري ۽ افطاري ۾ استعمال ڪيو، ان سان معدي ۾ تيزابيت نه ٿيندي.
Next Post
You might also like