آمريڪي مشن جي نائب سربراهه اينڊريو شوفر جو ڪراچي جو دورو

ڪراچي (پ ر) پاڪستان ۾ آمريڪي مشن جي نائب سربراه اينڊريو شوفر ڪراچي ياترا دوران نوجوان قيادت، ڪاروباري ماڻهن، صنعتڪارن، اقليتي برادري، مالياتي شعبي ۽ سماجي نمائندن سان ملاقاتون ڪيون. ان موقعي تياينڊريو شوفر چيو ته آمريڪي سرڪار توڙي عوام هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستاني عوام سان گڏ بيٺل آهي، سنڌ ۾ ماحولياتي تبديلي توڙي ٻوڏ جي هاڃن بعد بحالي ۾ ڀرپور سهڪار آمريڪي ڪوششن جو اهڃاڻ آهي. هُن پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ ڀائيواري، ترقي ۽ ڪاروباري سرگرميون وڌائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور پڻ ڀريو.

ڊي سي ايم اينڊريو شوفر پاڪستان سان لاڳاپا وڌائڻ جي ارادي سان 12 کان 13 فيبروري تائين ڪراچي جو دورو ڪيو، جنهن دوران هُن جمهوريت، معاشي پيداوار، عورتن جي پاڻڀرائپ کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستاني عوام سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ آمريڪي ڪوششن کي اجاڳر ڪيو.

اُن موقعي تي ويچار ونڊيندي اينڊريو شوفر چيو ته “آمريڪا پاڪستان سان ڀائيواري وڌائڻ ۽ گڏيل اوليتن تي گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، جنهن جو مقصد خطي ۾ جمهوريت، جامع اقتصادي ترقي ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ آهي. ڪراچي جو هي دورو مختلف ڌُرين توڙي ڀائيوارن سان لاڳيتو رابطن ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي سگهارو بڻائڻ لاءِ اسان جي ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿو.”

ڊي سي ايم اينڊريو شوفر وڌيڪ چيو ته “موسمياتي تبديلين جون تباهڪاريون هجن يا ٻوڏن کانپوءِ بحالي جو چئلينج، آمريڪي حڪومت هر ڏکئي وقت ۾ سنڌ جي عوام جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. سال 2022ع جي ٻوڏ سنڌ لاءِ 21 ڪروڙ 50 لک ڊالرز جي مالي سهائتا اسان جي پُختي عزم جو واضح ثبوت آهي. آمريڪا جو نه رڳو معياري تعليم، صاف پاڻي جي فراهمي، غذائي کوٽ جي خاتمي ۽ بُنيادي صحت جي سهولتن جي فراهمي تي ڌيان آهي، پر ٻوڏ جي صورتحال مان نڪرڻ ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ جي عوام جي سهائتا ۾ پڻ سرگرم آهي.”

اينڊريو شوفر ڪراچي ۾ عالمي ترقي بابت عالمي ايجنسي جي سهڪار سان هلندڙ ٽيري ٽيڪس انٽرنيشنل ڪمپني جي دوري دوران ڪاروباري سرگرمين ۾ عورتن کي همٿائڻ تي زور ڀريو. ۽ ھي ڪمپني ھڪ مثال آھي ته ڪيئن آمريڪي حڪومت جي مالي سهائتا سان مقامي سطح تي ڪاروباري سرگرمين کي وڌائڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.

آمريڪي مشن جي نائب سربراه اينڊريو شوفر پاڪستان آمريڪا ڪلچرل سينٽر ۾ قائم لنڪن ڪارنرجو به دورو ڪيو، جتي هُن نوجوان قيادت کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي پنهنجا منفرد ۽ تعميري خيال ونڊڻ جو موقعو مهيا ڪيو.

اينڊريو شوفر نجي ۽ سماجي نمائندن سان گڏ مالياتي، دواسازي ۽ ٽيڪسٽائيل سوڌو مختلف شعبن جي نمائندن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران هُن پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ نجي شعبي جي قيادت هيٺ جامع ترقي، واپار ۽ سيڙپڪاري جي اهميت تي زور ڀريو.

ڊي سي ايم اينڊريو شوفر جي ڪراچي واري دوران پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن ۽ مذهبي اقليتن کي پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪي حڪومت جي ڪوششن کي اجاڳر ڪيو. هُن پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي ڪميشن (UNHCR) جي عملدارن سان ملاقات ۾ افغان پناهگيرن جي مسئلن تي ڳالهايو ۽ آمريڪا طرفان انساني امداد توڙي سهڪار جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي. اُن کانسواءِ اينڊريو شوفر مذهبي اقليتن جي نمائندن، خاص ڪري ڪراچي ۾ پارسي برادري سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن گڏجاڻي ۾ اينڊريو شوفر کي ڪراچي جي مذهبي ۽ ثقافتي تنوع بابت وڌيڪ ڄاڻڻ سان گڏ مختلف مذهبي برادرين وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ جو موقعو مليو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.