اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪراچي سان واسطو رکندڙ ٽينس رانديگرياڻي اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
زينب علي نقوي آءِ ٽي ايف ٽورنامينٽ کيڏڻ لاءِ اسلام آباد وئي هئي.
ٽينس فيڊريشن موجب زينب 12 فيبروري سومر جي رات ميچ کيڏي ونهجڻ وئي ۽ پوءِ در ڀڃي ڏٺو ويو ته هوءَ لاڏاڻو ڪري چڪي هئي.
زينب علي نقوي ڪراچي ريجن جي ٽاپ پليئر هئي ۽ هوءَ سنڌ جي سطح تي به ايونٽ کٽي چڪي هئي.
You might also like