پيرس (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي شارٽ فلم ”جامن ڪا درخت“ ڪينز ورلڊ فلم فيسٽيول لاءِ چونڊجي وئي.
زال مڙس جي لاڳاپن ۽ گهريلو تشدد تي ٻڌل فلم جي ڪهاڻي بي گل لکي آهي، جڏهن ته ان جي هدايتڪاري رافع راشدي ڏني آهي.
پنهنجي فيس بُڪ پوسٽ ۾ فلم ڊائريڪٽر مداحن کي خبر ڏني ته فلم ڪينز فلم فيسٽيول لاءِ چونڊجي وئي آهي، جڏهن ته فلم جو پهريون ٽريلر جنوري ۾ رليز ڪيو ويو هو.
جامن ڪا درخت جي ٽريلر مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان جي ڪهاڻي عورت ۽ مرد جي لاڳاپن، هراساني، جنسي حملن ۽ هوس پرستي جي موضوعن جو احاطو ڪري ٿي.
فلم ۾ عدنان صديقي سان گڏ ماها طاهراڻي ۽ فوزيا امن به شامل آهن ۽ ان کي رافع راشدي پروڊڪشن پروڊيوس ڪيو آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like