بينوني (ويب ڊيسڪ) انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ آسٽريليا دلچسپ مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي هڪ وڪيٽ تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
بينوني ۾ کيڏيل ميچ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏيندي قومي ٽيم 48.5 اوورن ۾ 179 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
پاڪستان طرفان اذان اويس ۽ عرفات منهاس 52-52 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا، شمائل حسين 17 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهچي سگهيو.
شاهزيب خان 4، ڪپتان سعد بيگ 3، احمد حسن 4، هارون ارشد 8، نويد خان 9، عبيد شاهه 6، محمد ذيشان 4 رنسون ٺاهيون.
آسٽريليا طرفان ٽام اسٽريڪر بهترين بالنگ ڪرائيندي 6 شڪار ڪيا، جڏهن ته بيئرڊمين، ويڊلر، ميڪ ملن ۽ ڪيمپ بيل هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ آسٽريليا گهربل هدف 9 وڪيٽن جي نقصان تي 5 بال اڳ ۾ حاصل ڪري ورتو.
هيري ڊڪسن 50، اوليور پيڪي 49، ڪيمپ بيل 25، ميڪ ملن 19 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
پاڪستان طرفان علي رضا 4 ۽ عرفات منهاس 2 وڪيٽون ورتيون، عبيد شاهه ۽ نويد خان هڪ – هڪ شڪار ڪيو.
انڊر 19 ورلڊ ڪپ جو فائنل آچر ڏينهن بينوني ۾ ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ کيڏيو ويندو.
Prev Post
You might also like