پاڪستان جو اهو ڳوٺ، جتي عورتن پهريون ڀيرو ووٽ ڪاسٽ ڪيو

سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) سرگوڌا جي ڳوٺ للياڻي ۾ پهريون ڀيرو عورتن کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي اجازت ملي وئي.
ذريعن موجب ڪوٽ مومن تعلقي جي ڳوٺ للياڻي ۾ عورتون ووٽ ڪاسٽ ڪري رهيون آهن، للياڻي ۾ عورتن کي پهريون ڀيرو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.
ان علائقي ۾ 2013 ۽ 2018 ۾ به عورتن کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ نه ڏنو ويو هو، اين اي 83 ۽ پي پي 73 ۾ عورتون به ووٽ وجهي رهيون آهن، ماضي ۾ پنچائت عورتن کي ووٽ ڏيڻ کان روڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.