ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس جي قبضي هيٺ علائقي ۾ بيڪري تي يوڪرين جي بمباري ۾ 28 ڄڻا مارجي ويا.
روسي ميڊيا موجب يوڪرين جي فج ليسيانسڪ شهر ۾ هڪ عمارت تي ميزائل سان حملو ڪيو.
رپورٽن موجب عمارت جي ملبي مان 10 ڄڻن کي بچايو ويو آهي، سمورن زخمين جو مختلف اسپتالن ۾ علاج جاري آهي.
روس جي پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو ته يوڪريني فورسز ڄاڻي واڻي بيڪري تي حملو ڪري شهرين کي نشانو بڻايو آهي، اها دهشتگرد ڪارروائي آهي، جنهن جا اسان وٽ ثبوت آهن.
Next Post
You might also like