ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوا ۽ وڏ ڦڙي سان برسات پئي.
صبح سان برسات کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي جنهن سبب شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا، وقفي وقفي سان جاري برسات سبب بجلي جو نظام پڻ ڊانوانڊول ٿي ويو.
ٻئي پاسي برسات سبب جتي سڀني برسات متاثر شهرن جي بجلي بند ٿي وئي اتي نئون ديرو ٻرندو رهيو.
بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر جي موجودگي سبب نئين ديري ۾ بجلي پنهنجي روٽين موجب هلندي رهي.