ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني قوم کي غلط رستي تي وٺي ويو.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته سياست ۾ مخالفت ٿيندي آهي دشمني نه ٿيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ ڪنهن اداري کي نه ڇڏيو.
هن چيو ته اڄ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري کي سزا ٻڌائي وئي، هنن توشا خانا جا تحفا کپايا، اڍائي ارب رپين جي گهڙي جا 90 لک رپيا ڏنا ويا.
سندس چوڻ هو ته توشا خانا ۾ وڪيل کي هر هر تبديل ڪيو ويو، ڪوڙ ڳالهايو ويو ته تحفا کپائي روڊ ٺاهيو ويو، ڪوڙ ڳالهايو ويو ته گهڙي اسلام آباد ۾ کپائي.
شرجيل ميمڻ چيو ته جعلي مني ٽريل ٺاهڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي، پي ٽي آءِ باني گهڙي جي انڊرانوائس ڪرائي، هو سدائين ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو.
اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته پ پ ڪنهن جي سزا تي خوش ناهي ٿيندي، اسان جي ليڊر شپ جيل ڪاٽيا آهن.
Prev Post
You might also like