ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر مهانگو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ سستو ٿي ويو.
سومر ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ لاهن چاڙهڻ کانپوءِ معمولي تيزي رهي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ اوپن ڪرنسي مارڪيٽ ۾ رپيو مضبوط رهيو.
انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو ريٽ 5 پئسا واڌ سان 279 رپيا 64 پئسا رهيو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 7 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ 281 رپين 9 پئسن جي سطح تي بند ٿيو.
You might also like