راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عدت ۾ نڪاح جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.
اڊيالا جيل ۾ عدت ۾ نڪاح جي ڪيس جي ٻڌڻي سينيئر سول جج قدرت الله ڪئي.
فرد جرم سينيئر سول جج قدرت الله پڙهي ٻڌايو، ٻنهي جوابدارن طرفان ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو.
فرد جرم وقت پي ٽي آءِ باني عدالتي ڪمري ۾ موجود هو، جڏهن ته عدالت بشريٰ بي بي جي غير موجودگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
وڪيل بشريٰ بي بي جي ڇوٽ جي درخواست منظور ڪرڻ جي اپيل ڪئي، جنهن کي عدالت خارج ڪري ڇڏيو.
عدالت چيو ته بشريٰ بي بي کي اڄ طلب ڪيو ويو هو، هوءَ ڪنهن جي اجازت نه عدالتي ڪمري مان هلي وئي؟
عدالت جيل انتظاميا کي هدايت ڪئي ته پتو لڳايو بشريٰ بي بي جيل ۾ ڪهڙي مهل داخل ٿي ۽ ڪهڙي مهل ٻاهر وئي.
جيل انتظاميا عدالت کي ٻڌايو ته بشريٰ بي بي 11:30 وڳي داخل ٿي ۽ 1:45 تي هلي وئي.
بشريٰ بي بي جي وڪيل عثمان گل عدالت جي پڇاڻي تي ٻڌايو ته هوءَ طبعيت ۾ خرابي سبب اسپتال هلي وئي.
عدالت چيو ته اسان بشريٰ بي بي جا وارنٽ آرڊر لکيا، توهان هر هر ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪري ڇوٽ گهري رهيا آهن.
بشريٰ بي بي جي ميڊيڪل رپورٽ تي پراسيڪيوٽر رضوان عباسي اعتراض اٿاري ڇڏيو، هن چيو ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڪنهن ٽريٽمينٽ جو ڪو ذڪر ناهي.
عدالت چيو ته ڇوٽ ان جي گهري ويندي آهي، جيڪو عدالت ۾ موجود نه هجي، بشريٰ بي بي ڪنهن جي اجازت سان وئي؟ پي ٽي آءِ باني کي گهرايو، چارج فريم اڄ ئي فريم ٿيندو.
عدالت پي ٽي آءِ باني کي عدالتي ڪمري ۾ روسٽرم تي گهرائي ورتو.
پي ٽي آءِ باني جج کي چيو ته مون کي ليگل ٽرمز جي خبر ناهي، منهنجو وڪيل مون کي سمجهائي ته چارج شيٽ تي صحيح ڪندس، 6 ورهين کانپوءِ مانيڪا کي ياد آيو ته نڪاح غير شرعي هو.
وڪيلن سان مشاورت کانپوءِ پي ٽي آءِ باني چارج شيٽ تي صحيحون ڪري ڇڏيون.
You might also like