عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد گرفتار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد کي هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتار ڪيو ويو.
ذريعن موجب شيخ رشيد کي 9 مئي جي ڪيس ۾ ضمانت خارج ٿيڻ تي گرفتار ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شيخ رشيد کي عدالت مان گرفتار ڪيو ويو، سندس خلاف ڳجهي اداري جي آفيس تي حملي جو ڪيس داخل آهي، ان ڪيس ۾ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه کي اڳ به گرفتار ڪيو ويو هو.
ذريعن موجب شيخ رشيد احمد عدالت ٻاهران مختصر گفتگو ڪندي چيو ته مون کي جيل وڃڻ جو حڪم ٿيو آهي، حمزا ڪئمپ ۾ موجود نه هيس، خدا کي گواهه ڪري چوان ٿو ته ڪنهن جاءِ تي موجود نه هيس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.