نه قطار نه انتظار، سڃاڻپ ڪارڊ گهر ويٺي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نادرا جو چوڻ آهي ته بنا قطار ۽ بنا انتظار جي سڃاڻپ جا دستاويز گهر ويٺي ٺهرائڻ لاءِ پاڪ آءِ ڊي ويب سائيٽ تي اڪائونٽ ٺاهيو.

پاڪ آءِ ڊي جي نه رڳو ويب سائيٽ پر موبائيل ايپ به آهي جنهن کي اينڊرائيڊ ۽ ايپل واهپيدار انسٽال ڪري سگهن ٿا.

خيال رهي ته ايپ ۾ فنگر پرنٽس جا آپشن به آهن جن جي تصديق گهر ويٺي ٿي ويندي آهي ۽ ان لاءِ فون جو ئي فنگر پرنٽ سينسر ڪم ايندو آهي، تصويرون ڪڍڻ لاءِ فون جي ڪيمرا ڪم ايندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.