سڌي ريت نشريات ۾ درست انداز سان نه ويهڻ کي گهرواري نوٽ ڪري ورتو: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي جي اي ڪيمپس جي لانچنگ تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاب به ڪيو.
تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي ٻڌڻي لائيو ٿي، خوشي آهي ته ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي.
هن هلڪي ڦلڪي انداز ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ جي سڌي ريت نشريات ۾ درست انداز سان نه ويهڻ کي گهرواري نوٽ ڪري ورتو ۽ صحيح طريقي سان ويهڻ جو چيو.
ان کانپوءِ چيف جسٽس سڌي ريت نشريات جي خوبين کانپوءِ نقصانن جو ٻڌايو ۽ چيو ته نشريات دوران هاڻ وڌيڪ محتاط رهڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.