ام رباب جي ابي ڏاڏي جي ملڪيت ناهي: سردار چانڊيو

پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم پي سردار چانڊيو چيو آهي ته ام رباب جا اعتراض اجايا آهن، ام رباب چانڊيو جي ابي ڏاڏي جي هتي ملڪيت ناهي، اسان جون ملڪيتون ۽ برادريون آهن، منهنجي مرضي آهي ته مان ڪٿي به وڃان، ام رباب کي ڪو ايشو نه پيو ملي ۽ ايشو ڳولڻ ۾ پورا آهن، هنن جي هوا نڪري وئي آهي ۽ پنڪچر لڳائڻ جي چڪر ۾ آهن.

هن وڌيڪ چيو ته جي ڊي اي ۾ سمورا ڇٽل ڪارتوس آهن، مان پيپلزپارٽي جي اميدوارن جي ورڪ ڪندو رهندس، جتي اميدوار هوندو، اهو منهنجو چونڊ تڪ هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.