”ڀلي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جا ٺهراءَ منظور ٿين پر چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون“

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀلي گڏيل قومن ۽ اسلامي سهڪار تنظيم جا ٺهراءَ به ڇو نه منظور ٿي وڃن پر چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون.
اين اي 127 لاهور جي علائقي ماڊرن ڪالوني ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو تاثر ڏنو ويندو آهي ته لاهور ۾ کير ۽ ماکي جون نديون وهنديون آهن، لاهور ۾ جيترو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ايترو سڄي پاڪستان ۾ ڪرڻ جي ضرورت ناهي، شهباز شريف لاهور ۾ پي پي جي اين ايف سي ايوارڊ سبب ڪم ڪري سگهيو، هتي عوام جي مسئلن بدران اشرافيا ڏانهن ڌيان هوندو آهي.
هن چيو ته منهنجي ناني لاهور ۾ پ پ جو بنياد رکيو هو، مان پنهنجو سياسي سفر لاهور کان شروع ڪري رهيو آهيان، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي ذاتي ايجنڊا آهي، جڏهن ته منهنجي ايجنڊا عوامي آهي.
سندس چوڻ هو ته پ پ برابري جي سياست تي يقين رکي ٿي، اسان ملڪ ۾ آزاد ۽ شفاف چونڊن جا حامي آهيون، ڀلي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جا به ٺهراءُ ڇو نه منظور ٿي وڃن چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون، چيف جسٽس چيو آهي ته 8 فيبروري تي چونڊون پٿر تي ليڪو آهي، اليڪشن ۾ سليڪشن جو مقابلو ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.