ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سستي سواري سمجهي ويندڙ موٽرسائيڪل وڌيڪ مهانگي ٿي وئي آهي.
ياماها واءِ بي زي ڊي ايڪس 14 هزار مهانگي ٿي 4 لک 54 هزار رپين جي ٿي وئي آهي.
ياماها واءِ بي آر 14 هزار مهانگي ٿي 4 لک 66 هزار رپين جي ٿي وئي آهي.
واءِ بي آر جي بليڪ 14 هزار مهانگي ٿي 4 لک 85 هزار ٿي وئي آهي.
واءِ بي آڙ جي ميٽ 14 هزار مهانگي ٿي 4 لک 88 هزار رپين ٿي وئي آهي.
ٻئي پاسي سوزوڪي، ياماها موٽرسائيڪلن جا اگهه وڌڻ سان وڪري ۾ گهٽتائي ٿي آهي ، مقامي
ڊيلرز لاءِ روز جا خرچ پورا ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي.
واهپيدارن سوزوڪي ۽ ياماها جي اگهن ۾ گهٽتائي جي گهر ڪئي آهي.