پاڪ سوزوڪي ڪلٽس جا نوان اگهه رکي ڇڏيا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪ سوزوڪي ڪمپني جي گاڏي سوزوڪي ڪلٽس پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ گاڏين مان هڪ آهي.

ڪمپني طرفان پنهنجي هن گاڏي ۾ اهم تبديليون ڪيون ويون آهن، ان جي باوجود پاڪستاني مارڪيٽ ۾ گاڏي جي مقبوليت برقرار آهي.

هي گاڏي ٽن ماڊلز وي ايڪس آر، وي ايڪس ايل ۽ اي جي ايس ۾ اچي وي.

وي ايڪس آر ۽ وي ايڪس ايل بنيادي ماڊلز آهن جڏهن ته اي جي ايس ۾ سڀ فيچرز ڏنل آهن.

انهن ٽينهي ماڊلز جا اگهه به مختلف آهن.

2024 ۾ ڪلٽس وي ايڪس آر جو اگهه 37 لک 18 هزار رپيا، ڪلٽس وي ايڪس ايل جو اگهه 40 لک 84 هزار رپيا ۽ ڪلٽ آتو گيئر شفٽ اي جي ايس جو اگهه 43 لک 66 هزار رپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.