آمريڪا ۾ هڪ نرس رڳ ۾ لڳائي ويندڙ ڊرپ جي مواد جي جاءِ تي گندو پاڻي ڏئي 10 مريضن کي ماري وڌو.
اوريگن رياست جي علائقي ميڊفرڊ ۾ ايسنٽي روگ ريجنل ميڊيڪل سينٽر جي هڪ نرس بابت ٻڌايو ويو ته هن مختلف واقعن ۾ دوائون چورائڻ کانپوءِ مريضن کي نقصانڪار پاڻي ڏنو.
نيو يارڪ پوسٽ هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ته نرس ظاهري طور اهو ڪم ڄاڻي واڻي ڪيو، اسپتال انتظاميا دوائن جي چوري بابت رپورٽ داخل ڪرائي هئي.
گذريل مهيني جي شروعات ۾ داخل ڪئي ويندڙ رپورٽ ۾ خيال ظاهر ڪيو ويو هو ته هڪ اڳوڻي ملازمه دوائون چورايون آهن، اسپتال ذريعن انفيڪشن سان 8 کان 10 مريضن جي موت جي نشاندهي ڪئي هئي.
دي روگ ويلي ٽائمز موجب اسپتال جون دوائون چورائڻ کانپوءِ متبادل طور تي گندو پاڻي ڏنو ويو، سموريون فوتگيون هڪ سال جي عرصي دوران ٿيون.
دي اوريگن هيلٿ اٿارٽي معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like