ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ غيرقانوني پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ جاري ڪيل 4 ارب رپيا گم ٿي ويا آهن.
ذريعن موجب ڊي سي ڪيماڙي، ڊي سي جيڪب آباد ۽ اتان بلوچستان روانگي لاءِ ڏنل رقم ڪٿي خرچ ٿي، ان جو ڪو پتو ناهي.
نگران حڪومت غيرقانوني پرڏيهين کي ڊي پورٽ ڪرڻ لاءِ 4 ارب رپيا گهريا جنهن تي ناڻي کاتي 4 ارب رپيا جاري ڪيا هئا.
ٻئي پاسي گهرو وزير پاران غيرقانوني پرڏيهين کي ڪڍڻ جي دعويٰ غلط ثابت ٿي.
ڪراچي ۾ هڪ لک 28 هزار غيرقانوني پرڏيهين جي نشاندهي ٿي آهي.
ڪراچي مان رڳو هڪ هزار 115 ۽ حيدرآباد مان رڳو 11 پرڏيهين کي ڪڍيو ويو.
خيبرپختونخوا، پنجاب ۽ بلوچستان مان 4 لک 55 هزار غيرقانوني پرڏيهين کي ڪڍيو ويو.
ذريعن موجب سنڌ جي 4 ڊويزنن مان هڪ به غيرقانوني پرڏيهي ناهي ڪڍيو ويو، سنڌ ۾ غيرقانوني پرڏيهين خلاف آپريشن عملي طور تي بند آهي.