اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور ڪرڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته سينيٽ جي منظور ٿيل ٺهراءَ کي غير قانوني ۽ غير آئيني قرار ڏنو وڃي.
درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته جن ميمبر ٺهراءُ پاس ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، انهن خلاف آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي ڪئي وڃي.
درخواستگذار چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي.
You might also like