شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور ۾ ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورت فوت ۽ سندس مڙس سخت زخمي ٿي پيو .
شيخ اياز يونيورسٽي لڳ ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار سراج احمد جتوئي سخت زخمي ٿي پيو ۽ سندس گهر واري موقعي تي فوت ٿي وئي.
شهرين جي اطلاع تي عورت جو لاش ۽ زخمي سراج احمد کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر نيو ويو.
روڊ حادثي جا شڪار زال ۽مڙس معصوم نينگري جي علاج واسطي قبو جامي کان شڪارپور اچي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.
نيوفوجداري پوليس ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو.