ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڦورن اسپتال کي به نه ڇڏيو ۽ اهم سامان کڻي فرار ٿي ويا.
پوليس موجب نجي اسپتال ۾ ڦر انچولي ۾ ٿي، 4 کان وڌيڪ ٻٽ ٻڌل ڦورو صبح 5 وڳي اسپتال ۾ داخل ٿيا ۽ 2 ٻاهر پهرو ڏيندا رهيا.
پوليس ٻڌايو ته هٿياربند ڦورن اسپتال جي چوڪيدار کي رسن سان ٻڌي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو هو، هو 4 سولر پئنل، بيٽريون، ليپ ٽاپ ۽ ٻيو سامان کڻي ويا.
پوليس موجب ڦورو واردات کانپوءِ سي سي ٽي وي رڪارڊ به کڻي ويا، جڏهن ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
Next Post
You might also like