پ پ غيرقانوني پرڏيهين جي حمايت نٿي ڪري: شازيا مري

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ پ اڳواڻ شازيا عطا مري چيو آهي ته پيپلزپارٽي غيرقانوني پرڏيهين جي حمايت نه ٿي ڪري رڳو انساني حقن ۽ روين تي آواز اٿاريو آهي، 9 مئي تي حدون پار ڪيون ويون جنهن سان دلي طور تڪليف ٿي.

ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ جي عوام هميشه پ پ جو ساٿ ڏنو آهي، منهنجي تڪ سانگهڙ ۾ ڪيترائي بت ڪيرايا ويا، ڪنهن پير جا مريد به پ پ جي ترقياتي ڪمن جا گڻ ڳائن ٿا.

هن چيو ته سياسي مخالف ٿر ۾ بک ۽ ٻارن جي موت جا معاملا اٿاري ملڪ دشمني ڪري رهيا آهن، کين شرم اچڻ گهرجي، بک رڳو ٿر ۾ نه آهي پر اهو عالمي مسئلو آهي. هن چيو ته پ پ خلاف اتحاد ٺهندا رهيا آهن. هن چيو ته اسانکي ليول پلينگ فيلڊ ڏيو ته پوءِڏسوڪئين ٿا عوام جي مدد سان مقابلو ڪيون.

سندس چوڻ هو ته اڄ پوري دنيا ۾ فلسطين جو وڏو مسئلو آھي غزا ۾ جيڪا بربريت ٿئي پئي، انھي جي مذمت ڪريون ٿا ھن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ جيڪا نيازي حڪومت ڪڍي وئي ته انھي جي پٺيان اقتدار نه پر عوام کي معاشي آئيني حق نه پئي مليا، انھي ڪري ضروري ھو عمران خان کي ڪڍيو وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته  بلاول کي سياست ڊي اين اي ۾ ملي آھي، اسانکي فخر ٿئي ٿو انھي سان ڪنهن کي پريشاني آھي ته پنهنجو علاج ڪرائين، هن چيو ته اوھان جي لاءِ ليول پلينگ فيلڊ اھا آھي ته جيل ۾ نه وٺي وڃو۽ پليٽ ۾ رکي سيٽون ڏيون، اسان کي اسپيشل ٽريٽمرنٽ ڀلي نه ڏيو پر ملڪ جو رھواسي سمجھي آئيني حق ڏيو، جنهن طريقي سان سنڌ جي ماڻهن کي انڊراسٽيمينٽ ڪيو ويو آهي سنڌ جا ماڻهو بيوقوف ناھن اھي تعصب، انتھا پسندي سازشن کي رد ڪن ٿا، اھي سمجھن ٿا ته پ پ خدمت ڪري ٿي،هن چيو ته  ترقياتي منصوبن کي روڪڻ نگران حڪومت جي غلط حرڪت آھي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.