نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا پاڪستان جي اسپن اٽيڪ کي مضبوط هٿيار قرار ڏئي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، پاڪستاني اسپنرز ڀارتي ٽيم لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري سگهن ٿا، تنهنڪري کين هاءِ وولٽيج مقابلي ۾ محتاط رهڻو پوندو.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ابرار احمد، شاداب خان، محمد نواز، صائم ايوب ۽ عثمان طارق پاڪستان ٽيم جا هٿيار آهن ۽ جيڪڏهن ڪولمبو جي ڪنڊيشن ۾ هو ڀارتي بيٽرن کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي سگهن ٿا.
ڀارتي ميڊيا موجب، نميبيا خلاف ميچ دوران ڀارتي بيٽرن جي بيٽنگ ڏسڻ کانپوءِ خدشا وڌي ويا آهن، ميچ دوران پنج رانديگر اسپنرز خلاف آئوٽ ٿيا، جڏهن ته يو ايس اي خلاف ٽن ڀارتي بيٽرن بيٽرز اسپنرز پويلين جو رستو ڏيکاريو هو.
ميڊيا رپورٽ موجب، ڀارت بنا ڪنهن شڪ جي فيورٽ آهي، پر ڀارتي ٽيم ۾ ننڍڙيون خاميون آهن، جيڪي وڏين ٽورمامينٽ ۾ ۾ نظرانداز نه ٿيون ڪري سگهجن.
ميڊيا رپورٽن موجب، ان کان اڳ جو پاڪستان ڀارتي ٽيم تي سرسي حاصل ڪري، ڀارتي بيٽرن کي پاڪستاني اسپن اٽيڪ کي ڊي ڪوڊ ڪرڻو پوندو،
You might also like