افغان ڪرڪيٽر رحمان الله گرباز پاڪستان سپر ليگ جي 11هين سيزن تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پي ايس ايل فرنچائز پشاور زلمي افغان ڪرڪيٽر رحمان الله گرباز کي آڪشن کان اڳ دائريڪٽ سائننگ ذريعي اسڪواڊ جو حصو بڻايو هو.
پر رحمان الله گرباز انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن پي ايس ايل تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ذاتي مصروفيتن سبب اهو فيصلو ڪيو آهي، ورلڊ کانپوءِ مان افغانستان واپس ويندس.
پنهنجي پوسٽ ۾ هن مداحن جا ٿورا پڻ مڃيا.
You might also like