ايراني عورتن کي پنهنجو سياسي مستقبل چونڊڻ جو حق ڏنو وڃي: ملاله يوسفزئي

نوبيل انعام يافتا ملاله يوسفزئي مطالبو ڪيو آهي ته ايراني ڇوڪرين ۽ عورتن جو آواز ٻڌو وڃي ۽ کين پنهنجو سياسي مستقبل چونڊڻ جو حق ڏنو وڃي.
ايڪس تي بيان جاري ڪندي ملاله يوسفزئي چيو ته ايران ۾ جاري احتجاج کي ڇوڪرين ۽ عورتن جي خود مختياري تي ڊگهي عرصي کان لاڳو رياستي پابندين کان ڌار نٿو ڪري سگهجي.
هن چيو ته تعليم سميت عوامي زندگي جي سڀني شعبن ۾ اهي پابنديون گهرا اثر رکن ٿيون، ايراني ڇوڪريون سڄي دنيا جي ڇوڪرين جيان باوقار زندگي جو مطالبو ڪري رهيون آهن.
سندس چوڻ هو ته ايراني عوام خطرن باوجود ان خبر خلاف آواز اٿاريندو رهيو آهي، جنهن کي دٻايو ويندو آهي، ايراني عوام پنهنجي اظهار جي حق ۽ سياسي مستقبل جي چونڊ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، اهو مستقبل ايراني عوام جي قيادت مان ئي طئي ٿيڻ گهرجي، جنهن ۾ ٻاهرين طاقتن يا جابراڻي نظام بدران ايراني عورتن ۽ ڇوڪرين جو قائداڻو ڪردار شامل هجڻ گهرجي.
هن چيو ته مان آزادي ۽ وقار جي مطالبي تي ايران جي عوام ۽ ٻارڙين سان گڏ بيٺي آهيان، کين پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جو مڪمل حق حاصل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.