ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جي اگهه ۾ مسلسل چوٿين ڏينهن لاٿ رڪارڊ ٿي آهي.
سال 2026 جي پهرئين ڏينهن عالمي ۽ مقامي مارڪيٽ ۾ سون جي اگهه ۾ لاٿ جو تسلسل برقرار رهيو.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت وڌيڪ 24 ڊالر گهٽجڻ سان 4 هزار 322 ڊالرن جي سطح تي اچي وئي، جنهن جو اثر مقامي مارڪيٽ تي به پيو.
پاڪستان ۾ في تولو سون 2 هزار 400 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 54 هزار 562 رپين جو ٿي ويو، جڏهن ته 10 گرام سون 2 هزار 58 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 89 هزار 713 رپين جو ٿي ويو آهي.
You might also like