ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا، ليکڪ ۽ پروڊيوسر سوها علي خان انڪشاف ڪيو آهي ته ڪجهه سال اڳ جڏهن هن ماءُ بڻجڻ لاءِ پنهنجا ”آنا“ محفوظ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ته ڊاڪٽر کيس وڏي عمر واري قرار ڏئي دنگ ڪري ڇڏيو.
شوبز ويب سائيٽ بالي ووڊ ”هنگاما“ موجب، سوها علي خان پنهنجي نئين پوڊڪاسٽ ”آل ابائوٽ هر“ ۾ ذاتي زندگي ۽ سنڊ بابت تفصيلي ويچار ونڊيا.
ان پوڊڪاسٽ ۾ سندس ساڻ اداڪارا سني ليوني ۽ ڊاڪٽر ڪرن ڪوهيلو به موجود هئي.
پوڊ ڪاسٽ ۾اداڪارا چيو ته جڏهن هوءَ 35 سالن جي هئي ته هن گائنيڪالوجسٽ کي چيو ته هوءَ پنهنجا آنا فريز ڪرائڻ چاهي ٿي، جنهن تي ڊاڪٽر چيو ته ” تنهنجي اڳ ئي وڏي عمر آهي.“
سوها موجب، ٻيا سڀ ماڻهو چوندا هئا ته هوءَ اڃا جوان آهي، پر ڊاڪٽر جي ڳالهه کيس دنگ ڪري ڇڏيو ۽ هوءَ سوچ ۾ پئجي وئي.
سوهـا جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر کيس ٻڌايو ته عورت جي ٻچيداني سندس چهرو نه ٿي ڏسي، اها پنهنجي عمر جي حساب ڪم ڪندي آهي.
سوهـا علي خان موجب، ڊاڪٽر جي اها ڳالهه ۽ جملا کيس گهڻي وقت تائين ياد رهيا ۽ هوءَ ڪجهه پريشان به رهي.
پوڊڪاسٽ ۾ موجود ڊاڪٽر وضاحت ڪندي چيو ته زرخيز ٿيڻ ڪيترن ئي عنصرن تي دارومدار رکي ٿو، جن کي اڄ جديد ٽيسٽن ذريعي پرکڻ ممڪن آهي.
ڊاڪٽر ٻڌايو ته عورتن ۽ مردن ۾ سنڊ جي نشاندهي لاءِ اينٽي مليرين هارمون ٽيسٽ ۽ ماهواريءَ جي ٻئي ڏينهن ڪئي ويندڙ اينٽرل فوليڪلز ڪائونٽ جهڙا ٽيسٽ موجود آهن، جيڪي مستقبل ۾ مردن ۽ عورتن ۾ سنڊ ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا.
ليڊي ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته عورتن لاءِ آنا محفوظ ڪرائڻ جي بهترين عمر 28 کان 34 سال جي وچ ۾ سمجهي ويندي آهي.
ياد رهي ته سوها علي خان 2015 ۾ اداڪار ڪنال کيمو سان شادي ڪئي هئي ۽ 2017 ۾ 39 سالن جي عمر ۾ ڌيءَ عنايا نعومي کيمو کي جنم ڏنو هو.
هن وقت تائين سوها علي خان واضع نه ڪيو آهي ته ماءُ بڻجڻ لاءِ هن ڪهڙو علاج ڪرايو هو.
You might also like