رتوديرو (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي گهرن ۾ سولر سسٽم لڳرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
رتيدري جي يونين ڪائونسل وارث ڏنو ماڇي ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ قائم گهرن جا مالڪاڻا حق ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته خوشي آهي پ پ جي سنڌ حوڪمت پنهنجا واعدا پورا ڪري رهي آهي، سنڌ ۾ ڪافي ماڻهن کي گهر ملي ويا آهن ۽ ڪجهه گهر تعمير ٿي رهيا آهن.
هن ٻوڏ متاثرن جي گهرن ۾ سولر سسٽم لڳرائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته انهن گهرن ۾ واش روم به ٺهرائينداسين، بينظير ڀٽو جو واعدو هو ته عوام کي اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏينداسين.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت وڏن منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، عوام جي تڪليف گهٽائڻ لاءِ نوان منصوبا آڻي رهيا آهيون، سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته جلد کان جلد گهر تعمير ٿي وڃن.
You might also like