ڍاڪا + اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڇنڇر ڏينهن ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڍاڪا پهچي ويو، جيڪو ڪنهن به پاڪستاني پرڏيهي وزير جو 13 ورهين کانپوءِ بنگلاديش جو پهريون سرڪاري دورو آهي.
گذريل سال آگسٽ ۾ شيخ حسينا واجد جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ اسلام آباد ۽ ڍاڪا جي لاڳاپن ۾ سڌارو آيو آهي ۽ واپار سميت ٻه طرفي لاڳاپن ۾ نمايان اڳڀرائي ڏسڻ ۾ آئي آهي.
پرڏيهي کاتي موجب اسحاق ڊار راولپنڊي جي نور خان ايئر بيس تان بنگلاديش جي تاريخي دوري تي ڍاڪا روانو ٿيو، جتي هو بنگلاديشي اڳواڻن سان اهم ملاقاتون ڪندو.
پرڏيهي کاتي واضح ڪيو ته هي دورو پاڪستان ۽ بنگلاديش جي لاڳاپن ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي، ڇو ته لڳ ڀڳ 13 ورهيه کان پوءِ ڪو پاڪستاني پرڏيهي وزير بنگلاديش جو دورو ڪري رهيو آهي.
آخري ڀيرو نومبر 2012ع ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير حنا رباني کر ان وقت جي وزيراعظم شيخ حسينا کي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ هڪ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ لاءِ ڇهه ڪلاڪن جو مختصر دورو ڪيو هو.
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار نيشنل سٽيزن پارٽي (اين سي پي) جي وفد سان ملاقات ڪئي، جنهن جي اڳواڻي جنرل سيڪريٽري اختر حسين ڪري رهيو هو.
پرڏيهي وزير اين سي پي جي قيادت جي سڌارن ۽ سماجي انصاف جي ويزن کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي نوجوانن وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
وفد جي ميمبرن پرڏيهي وزير کي 2024ع ۾ ملڪ ۾ سياسي سرگرمين جي مختلف پهلوئن کان آگاهه ڪيو.
پرڏيهي وزارت موجب ٻنهي ڌرين مستقبل ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ثقافتي لاڳاپن کي وڌائڻ جي امڪانن تي پڻ ڳالهيون ڪيون.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب اسحاق ڊار جماعت اسلامي بنگلاديش جي وفد سان به ملاقات ڪئي، جنهن جي اڳواڻي سيد عبدالله محمد طاهر ڪري رهيو هو، ملاقات ۾ علائقائي صورتحال سميت پاڪستان- بنگلاديش لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون.
پرڏيهي کاتي موجب پنهنجي دوري دوران اسحاق ڊار بنگلاديشي چيف ايڊوائيزر محمد يونس ۽ پرڏيهي معاملن جي صلاحڪار توحيد حسين سميت ٻين اڳواڻن سان پڻ ملاقاتون ڪندو.
بنگلاديشي ميڊيا موجب اهي ملاقاتون سڀاڻي ٿيڻ جو امڪان آهي.
You might also like