نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر منوج تيواري ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان خلاف ايشيا ڪپ 2025 جي ميچ کيڏڻ فيصلو غلط آهي.
ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جو مقابلو 14 سپٽيمبر تي شيڊيول آهي، جيڪڏهن ٻئي ٽيمون سُپر فور ۾ پهتيون ته ٻنهي ۾ هڪ ڀيرو وري دنگل ٿيندو ۽ ٻنهي ٽيمن جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ جي صورت ۾ ٽيهر ٽڪراءَ جو امڪان پڻ موجود آهي.
هڪ انٽرويو دوران منوج تيواري جو چوڻ هو ته ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان خلاف ميچ بي سي سي آءِ جو غلط فيصلو آهي.
ٽيم ۾ نوجوانن کي موقعو نه ملڻ جو ڏوراپو ڏيندي هن چيو ته جيڪي رانديگر موقعن جا حقدار آهن، انهن کي موقعا نٿا ملن، اِهو مناسب عمل نه آهي.
ڪرڪيٽر چيو ته هو ڊگهي عرصي کان چئي رهيو آهي ته سليڪشن ڪميٽي جون گڏجاڻيون لائيو ڏيکارڻ گهرجن ته جيئن شوقين سمجهي سگهن ته ڪنهن رانديگر کي ڇو چونڊيو ويو ۽ ڪنهن کي ڇو ڊراپ ڪيو ويو.
هن چيو ته رڳو پريس ڪانفرنس ۾ هڪ يا ٻه جملا ڳالهائڻ ۽ پوءِ مختلف عمل ڪرڻ بلڪل صحيح ناهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سليڪشن ۾ شفافيت لاءِ ضروري آهي ته سليڪشن جا سمورا فيصلا عوام آڏو واضح هجن.
هلندڙ سال اپريل ۾ پهلگام دهشتگرد حملي ۽ آپريشن سندور کانپوءِ ڀارت ۾ پاڪستان خلاف ميچن بائيڪاٽ مهم شروع ٿي چڪي آهي.
ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جو مقابلو 14 سپٽيمبر تي شيڊيول آهي، جيڪڏهن ٻئي ٽيمون سُپر فور ۾ پهتيون ته ٻنهي ۾ ٻيهر دنگل ٿيندو ۽ ٻنهي ٽيمن جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ جي صورت ۾ ٽيهر ٽاڪري جو امڪان پڻ موجود آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي راندين واري وزارت هڪ نئين ۽ سخت پاليسي جو اعلان ڪيو هو، جنهن تحت پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جي ٻه طرفي راندين جي سرگرمي نه ٿيندي،پوءِ اِها کڻي ٻنهي ملڪن جي اندر هجي يا نيوٽرل وينيو تي.
ان باوجود ڀارتي ٽيم کي ايشيا ڪپ جهڙن وڏن ايونٽن ۾ شرڪت جي اجازت هوندي ڇو ته اهي مقابلا عالمي فيڊريشنز جي نگراني هيٺ ٿيندا آهن.
ياد رهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ راندين جا لاڳاپا سياسي تڪرارن هيٺ ڊگهي عرصي کان متاثر رهيا آهن.
ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪرڪيٽ جي ٻه طرفي سيريز 2012 کان معطل آهي ۽ باقي رانديون به گهڻو ڪري عالمي يا ايشيائي ايونٽن تائين محدود ٿي ويون آهن.
ڪيئي موقعن تي مختلف ڀارتي ٽيمون پاڪستان وڃڻ کان انڪار ڪنديون رهيون آهن، جڏهن ته پاڪستان به پنهنجن رانديگرن کي ڀارت موڪلڻ ۾ احتياط وارو رويو اختيار ڪندو رهيو آهي.
ويجهرائي وارن سالن دوران ان ڇڪتاڻ سبب وڏن ايونٽن تي به غير يقيني واري صورتحال ڇانيل رهي آهي.
گذريل مهيني پاڪستان اسپورٽس بورڊ به سڀني قومي فيڊريشنز کي هدايت ڪئي هئي ته ڀارت ۾ ڪنهن به راند ۾ شرڪت کان اڳ حڪومت سان صلاح ۽ اجازت لازمي ورتي وڃي ڇو ته اتي سيڪيورٽي جا خدشا موجود آهن.
ان کان اڳ جولاءِ ۾ ليجنڊز ليگ ۾به ڀارتي رانديگرن گروپ ميچ سيمي فائنل ۾ ڀارتي رانديگرن تازي ڇڪتاڻ جو حوالو ڏيندي پاڪستان خلاف کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.