ڪراچي تباهه ٿي وئي،سنڌ حڪومت اک نه پٽي: واپاري صنعت ڪار

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي چيمبر آف ڪامرس ۽ بزنس مين گروپ (BMG) شهر ۾ برسات کان پوءِ پيدا ٿيل سنگين بحران تي  سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته دڪاندارن جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي، صوبائي ٽيڪس عارضي طور منجمد ڪيا وڃن، جڏهن⁠تہ بجلي ۽ گيس جا بل ملتوي ڪيا وڃن۔بي ايم جي چيئرمين زبير موتي والا ۽ ڪراچي چيمبر جي صدر جاويد بلواني چيو ته تيز برساتن ڪراچيءَ کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، هر علائقو مفلوج ٿي ويو آهي ۽ شهري ناقابلِ برداشت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن۔سندن چوڻ هو ته ملڪ جي معيشت جو انجڻ هئڻ، قومي خزاني ۾ سڀ کان وڏو حصو ڏيڻ ۽ سڄي ملڪ کي سهارو ڏيڻ باوجود ڪراچي کي هميشه نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، امتيازي سلوڪ ڪيو وڃي ٿو، جڏهن⁠تہ شهر جي زبون حال انفرا اسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ انتهائي گهٽ سيڙپڪاري ڪئي وڃي ٿي۔ٻنهي اڳواڻن ٻڌايو ته 21 اپريل تي ئي وڏي وزير سنڌ مراد علي شاهه ۽ لاڳاپيل کاتن کي خط لکي خبردار ڪيو ويو هو ته اهڙي تباهي جو خطرو آهي، پر ان وارننگ کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو۔سندن مطالبو هو ته سنڌ حڪومت فوري طور ڪراچي ۾ هنگامي حالت لاڳو ڪري، ڇو⁠ته اڳ ئي شهر مفلوج ٿي چڪو آهي ۽ ايندڙ هفتي وڌيڪ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي۔بي ايم جي ۽ ڪراچي چيمبر جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته صرف ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ سان ئي بيوروڪريسي جي رڪاوٽن کي ختم ڪري سگهجي ٿو، وسيلن کي بروقت استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ ادارا تڪڙو متحرڪ ٿي سگهندا، ٻي صورت ۾ هر قدم ناقابلِ معافي غفلت هوندو۔هنن چيو ته  اپريل ۾ وڏي وزير ۽ ٻين اختيارين کي اپيل ڪئي وئي هئي ته گجر نالو، اورنگي، منظور ڪالوني، لياري ۽ اورنگي ٽائون جي نالن جي بروقت صفائي ۽ شهر جي خراب سيويچ سسٽم کي بهتر بڻايو وڃي، پر افسوس جو انهن خبردارين کي نظرانداز ڪيو ويو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.