ملائيڪا اروڙا 51 ورهين جي عمر ۾ ٻي شادي جي خواهشمند

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار ارباز خان جي اڳوڻي زال اداڪارا ملائيڪا اروڙا ٻي شادي جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
هڪ تازي انٽرويو ۾ 51 ورهين جي ملائيڪا اروڙا ٻي شادي بابت سوال تي چيو ته مان هاڻ به محبت تي يقين رکان ٿي ۽ ٻي شادي کان ڪڏهن به انڪار ناهي ڪيو.
هن چيو ته جڏهن ارباز سان شادي ٿي ته منهنجي عمر گهڻي ننڍي هئي، ڇوڪريون شادي جي فيصلي ۾ تڪڙ نه ڪن، زندگي کي سمجهن ان کانپوءِ ئي شادي ڪن.
واضح رهي ته ملائيڪا اروڙا ۽ ارباز خان وچ ۾ 18 سال گڏ رهڻ کانپوءِ 2017 ۾ عليحدگي ٿي وئي هئي، جنهن کانپوءِ ملائيڪا اروڙا اداڪار ارجن ڪپور سان لاڳاپا قائم ڪيا هئا پر 2024 ۾ انهن جو رشتو به ختم ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.