برطانوي پاڪستاني شاگردياڻي ماهه نور چيمه جا 6 عالمي رڪارڊ

لنڊن (عوامي آواز نيوز) برطانوي پاڪستاني شاگردياڻي ماه نور چيمه ڪيمبرج سسٽم ۾ تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي. 18 ورهين جي عمر ۾ هن 24 اي ليول مضمونن ۾ اعليٰ نمبر حاصل ڪري هڪ ئي وقت 4 نوان عالمي رڪارڊ قائم ڪيا. ماهه نور کي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ داخلا ملي وئي آهي ۽ هوءَ هاڻي مجموعي طور 6 عالمي رڪارڊز جي مالڪ آهي، جيڪي دنيا ۾ ڪنهن به سيڪنڊري اسڪول جي شاگرد لاءِ سڀ کان وڌيڪ آهن، هن اڳ ۾ 34 جي سي ايس اي مضمونن ۾ به غير معمولي ڪاميابي ماڻي هئي، ماهه نور چيو ته آڪسفورڊ ۾ داخلا سندس ٻالڪپڻ جو خواب هو، جنهن جو سهرو والدين جي قربانين کي وڃي ٿو، ماهه نور موسيقي ۾ ڊپلومو، اداڪاري ۽ پبلڪ اسپيڪنگ ۾ گولڊ ميڊلز حاصل ڪيا آهن ۽ هوءَ مينسا جي ميمبر به آهي، سندس والد موجب، ماهه نور پنهنجي پراڻي ميڪ بڪ تي ئي اي ليول جي تياري ۽ آڪسفورڊ لاءِ انٽرويو ڏنا. ٻه مهينا بعد هوءَ ميڊيسن جي تعليم شروع ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.