ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري ماڊل ۽ اداڪارا ناديا حسين آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي قومي لباس ۽ جهنڊي سان گڏ تصويرون شيئر ڪندي فلسطيني عوام سان به همدردي جو اظهار ڪيو ۽ لکيو ته غزا ۾ مائرن ۽ ٻارن جي قتل عام جو سوچي آزادي جو جشن ملهائڻ جو جذبو گهٽجي وڃي ٿو.
ناديا حسين پنهنجي تصويرن کي شيئر ڪندي جتي مداحن کي آزادي ڏهاڙي جي مبارڪباد پيش ڪئي، اتي ئي هن فلسطين ۾ جاري نسل ڪشي ڏانهن به عوام جي ڌيان ڇڪايو.
هن لکيو ته هن سال جي آزادي جي خوشي اسان لاءِ مختلف آهي، خاص طور تي فلسطين جي موجوده صورتحال کي ڏسندي کين خوشيون بي رنگ لڳڻ لڳيون آهن.
ناديا حسين لکيو ته فلسطيني بک سبب مري رهيا آهن پر عالمي طاقتون ۽ دولت جا بُکيا امير کان وڌيڪ امير ٿي رهيا آهن.
پاڪستان ڏانهن اشارو ڪندي هن لکيو ته اهڙو ئي رجحان هتي به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جتي طاقت جا بکيا حق ۽ باطل جي پرواهه نٿا ڪن، سندن مقصد رڳو وڌ کان وڌ وسيلا حاصل ڪرڻ هوندو آهي.
سندس چوڻ هو ته هوءَ هڪ آزاد ملڪ ۾ رهڻ تي خوش آهي پر پاڻ کي ڪوڙ، دوکي ۽ طاقت جي ڄار ۾ ڏينهن گذرڻ سان وڌيڪ ڦاٿل محسوس ڪري ٿي.
ناديا حسين پنهنجي پيغام جي پڄاڻي ان دعا سان ڪئي ته اسان هڪ قوم طور اٿنداسين ۽ حق لاءِ وڙهنداسين.
You might also like