نيپرا بجلي سستي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيپرا بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي 1 رپيو 89 پيسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اها گهٽتائي اپريل کان جون 2025 جي ٽه ماهي لاءِ منظور ڪئي وئي آهي.
نيپرا جو چوڻ آهي ته بجلي سستي ٿيڻ سان واهپيدارن کي 55 ارب 87 ڪروڙ 40 لک رپين جو رليف ملندو.
هي گهٽتائي ڪي اليڪٽرڪ سميت سڀني ڊسڪوز صارفين مٿان لاڳو ٿيندي، پر لائيف لائن ۽ پري پيڊ واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندي.
بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي آگسٽ کان آڪٽوبر 2025 تائين لاڳو هوندي.
ان کانسواءِ نيپرا طرفان ماهوار ايڊجسٽمينٽ تحت به بجلي 78 پيسا في يونٽ سستي ڪئي وئي آهي.
ماهوار ايڊجسٽمينٽ جي بنياد تي اها گهٽتائي جون 2025 لاءِ لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن جو رليف آگسٽ جي مهيني جي بلن ۾ ملندو.
اهو رليف ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن تي لاڳو نه هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.