ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عورت کي هراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي 25 لک رپيا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مونس علوي جي صوبائي محتسب جي فيصلي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران لاڳاپيل عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا.
عدالت کي ٻڌايو ويو ته مونس علوي طرفان ڏنڊ جي رقم اڄ نيشنل بئنڪ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.
ياد رهي ته گذريل مهيني صوبائي محتسب، عورت کي هيسائڻ جي الزام هيٺ مونس علوي کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ مٿس 25 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو هو.
محتسب جو چوڻ هو ته مونس علوي تي عورت کي هراسان ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيو آهي.
ان کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ، مونس علوي کي عهدي تان هٽائڻ وارو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته ڏنڊ وارو حڪم برقرار رکيو ويو هو.
You might also like