نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون ڀارتي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ڀارت سرحد پار دهشتگردي جي پراڻي ۽ بي بنياد بيانئي جو سهارو وٺي رهيو آهي.
سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڀارتي نمائندي جي الزامن جو جواب ڏيندي هن چيو ته ڀارت پاڻ پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ دهشتگردي جي پٺڀرائي ڪري ٿو، جڏهن ته ڪشميري عوام کي سندن حقِ خود اراديت کان محروم رکيو ويو آهي.
هن ڀارت مٿان غيرقانوني طور تي ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضي، انساني حقن جي ڀڃڪڙين، سنڌ طاس معاهدي جي معطلي ۽ پاڪستان تي جارحيت جو الزام مڙهيو.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
هن چيو ته پاڪستان دفاع ۾ ڀارت جا ڇهه جهاز ڪِيرايا ۽ تڪرار جو خاتمو آمريڪا جي مداخلت سان ممڪن ٿيو.
عثمان جدون چيو ته ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن عمل ڪرڻ کان انڪاري آهي، جڏهن ته اقليتن سان ان جو رويو عالمي ادارن ۾ تنقيد جو نشانو بڻيل آهي.