ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري عالم مفتي تقي عثماني آمريڪا طرفان ايران جي جوهري ٿاڪن تي حملي جي مذمت ڪئي آهي.
ايڪس تي پنهنجي بيان جو اظهار ڪندي مفتي تقي عثماني چيو ته آمريڪا جو ايران تي حملو مذمت جوڳو هجڻ سان گڏ ان جي گذريل واعدن جي سڌي سنئين ڀڃڪڙي آهي.
هن سوال ڪيو ته ٻين ملڪن کي جهنم بڻائڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ شخص ڇا امن جو انعام حاصل ڪرڻ جو حقدار ٿي سگهي ٿو؟
واضح رهي ته پاڪستان حڪومت تازي پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ آمريڪي صدر جي مداخلت جي اعتراف ۾ کيس نوبيل انعام 2026 لاءِ نامزد ڪرڻ جي سفارش جو فيصلو ڪيو هو ۽ ان حوالي سان خط ناروي جي نوبيل ڪميٽي کي موڪليو ويو آهي، جنهن تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جون صحيحون آهن.
ٻين ملڪن کي جهنم بڻائڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ ڇا امن جي انعام جو حقدار ٿي سگهي ٿو؟ مفتي تقي
You might also like