اسرائيل جو ايران تي حملو: حڪومتي تبديليءَ جي ڳجهي ڪوشش؟

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)اسرائيل پاران جيڪي حملا ايران تي ڪيا ويا، سي رڳو عمارتن تائين محدود نه هئا، پر سندن حدون فوجي قيادت، انقلابي گارڊن ۽ ايٽمي سائنسدانن جي قتل تائين پهتل آهن. جيڪا ڳالھه خاص اهميت رکي ٿي، ڇو ته جيڪڏهن رڳو ايٽمي پروگرام کي روڪڻو هجي ته اڏاوتن يا تحقيقاتي مرڪزن کي نشانو بڻائڻ ئي گهڻو ٿئي ها، پر قيادت کي ختم ڪرڻ واضع طور تي حڪومت جي ٿنڀن کي ڌوڏڻ جي ڪوشش آهي. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو پنهنجي تقريرن ۾ بار بار اهو چيو ته “اهي ڪارروايون تيستائين جاري رهنديون جيستائين خطرو ختم نه ٿي وڃي”، پر هن “خطري” جي ڪا واضح تشريح نه ڪئي. جيڪا ڳالهه تجزئي نگارن کي انهي نتيجي تي پهچائي ٿي ته اصل خطرو ڪو خاص يا مخصوص پروگرام نه پر ايران جي حڪومت آهي.هن پسمنظر ۾ جيڪڏهن اسرائيل جي 2023 کان جاري ڪاررواين کي ڏسون، ته غزه ۾ حماس، لبنان ۾ حزب الله، ۽ شام ۾ ايران جو اثر، جتي به ايران جا اتحادي عنصر هئا، اتي انهن کي ڪمزور يا ختم ڪيو ويو. هن تسلسل مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ايران کي گهيري ۾ آڻڻ هڪ منظم حڪمت عملي آهي، جيڪا شايد ايران جي اندرين سياسي ڍانچي کي ڍاهڻ طرف وڌي رهي آهي.ٻئي پاسي آمريڪا سميت ڪجهه اولهه حلقن ۾ انهيءَ تي ڳڻتي ضرور موجود آهي، پر اهڙي عمل جي ڪا واضح مخالفت نه ڪئي وئي آهي. ڪي ماهر چون ٿا تهاسرائيل هي مهم بغير آمريڪا جي حمايت جي به جاري رکڻ جو ارادو رکي ٿو.ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسرائيلي سياسي قيادت، خاص طور تي نيتن ياهو، اندرين دٻاءَ، ڪرپشن ڪيسن ۽ سياسي بچاءَ لاءِ به جنگي ماحول مان فائدو وٺي رهيو آهي. هن وقت اسرائيل جي اندر هڪ قسم جو “جنگي قومي اتحاد” جڙي رهيو آهي، جتي اپوزيشن به حملن جي حمايت ڪئي آهي. جيڪا ڳالهه ظاهر ڪري ٿي ته اندرين سياسي مفاد به هن جنگي حڪمت عملي کي هٿي ڏئي رهيا آهن.ساڳئي وقت ايران اندر سالن کان سياسي، سماجي بيچيني، معاشي بدحالي، عوامي احتجاج ۽ نوجوان طبقي ۾ وڌندڙ ڪاوڙ اهڙن ملڪن کي (جهڙوڪ اسرائيل) انهي سوچ ڏانهن ڌڪي رهي آهي ته جيڪڏهن دٻاءُ وڌايو وڃي ته ايران جي حڪومت مڪمل طور تي ٽٽي سگهي ٿي.اهڙي سوچ ايران جي مخالف اڳواڻن، جهڙوڪ رضا پهلوي، جي بيانن ۾ به نظر اچي ٿي، جتي هو عوام کي کلي عام حڪومت خلاف بغاوت جي اپيل ڪري رهيو آهي.اسرائيل جو حملو صرف دفاعي ڪارروائي يا ايٽمي پروگرام خلاف محدود مداخلت نه آهي، پر ان ۾ حڪومت جي تبديليءَ جو عنصر واضح طور تي شامل آهي. جيتوڻيڪ اسرائيل انهيءَ کي کلي عام تسليم نه ڪيو آهي، پر جنهن طريقي سان اعليٰ قيادت کي نشانو بڻايو ويو، علائقائي اتحادي ختم ڪيا ويا ۽ عوامي جذبن کي اُڀارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، اهي سڀ رجيم چينج جي منظم منصوبي جون علامتون آهن.انڪري چئي سگهجي ٿو ته اسرائيل جي اصل جنگ ايران جي نظرياتي ۽ عسڪري ڍانچي خلاف آهي، جنهن جو بنيادي مقصد علائقي ۾ ايران جي اثر کي ختم ڪرڻ ۽ شايد حڪومت جي تبديلي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.