روزگار ڏيڻ وارو الله آهي، تنقيد ڪندڙ نيٺ سمجهي ويندا ته هو غلط آهن: فيروز خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ادڪار فيروز خان مٿس تنقيد ڪندڙن بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته ”الله اهڙن ماڻهن کي هدايت ڏيندو.“
فيروز خان ڪيئي مشهور ڊرامن ۾ مُک ڪردار ادا ڪري چڪو آهي، جنهن سبب کيس ڏسندڙن طرفان تمام گهڻي موٽ ملندي رهي آهي، پر پنهنجي اڳوڻي زال عليزي سلطان سان علحدگيءَ واري معاملي تي کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.
شوبز انڊسٽري سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي فنڪارن ۽ خاص طور تي ادڪارائن، فيروز خان تي تنقيد ڪندي ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.
تازو هڪ انٽرويو دوران فيروز خان اداڪار ياسر نواز سان ڳالهائيندي، اهڙين ادڪارائن بابت خيالن جو اظهار ڪيو جيڪي ماضيءَ ۾ هن تي تنقيد ڪندي ساڻس ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري چڪيون آهن.
فيروز خان چيو “جيڪڏهن انسان غلط نه هجي ته کيس ڪنهن کان ڊڄڻ جي ضرورت ناهي، مون سموري صورتحال مان اهو سکيو آهي ته رزق ڏيڻ وارو رڳو الله آهي. جيڪي ماڻهو اڄ مون تي تنقيد ڪري رهيا آهن، مان انهن لاءِ دعا ٿو ڪريان ته الله انهن کي هدايت ڏئي، ڇو ته هو اڄ غلطي ڪري رهيا آهن، پر ڪڏهن نه ڪڏهن کين سمجهه ضرور ايندي.“
ميزبان کائنس پڇيو ته جڏهن ڪجهه ادڪارائن توهان سان ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته ڇا ڏک ٿيو هو؟
جنهن تي فيروز خان وراڻيو ” الله منهنجي زندگيءَ ۾ هڪ فلٽر لڳايو آهي، جنهن ذريعي مون کي خبر پئي ته ڪيترا ماڻهو اهڙا آهن جن سان مون کي لاڳاپو نه رکڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جيڪي ماڻهو مون کي ڄاڻن ٿا ۽ ان جي باوجود اهڙو ردعمل ڏيکارين ته اها ڳالهه حيرت جوڳي آهي.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.